اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪمند جي پيڙهائي جي مُند جي پڄاڻي تي کنڊ جي پيداوار جو جائزو وٺڻ لاءِ اعلى سطحي اجلاس

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪمند جي پيڙهائي جي مُند جي پڄاڻي تي کنڊ جي پيداوار جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هلندڙ مُند ۾ کنڊ جي پيداوار حوصلي جوڳي رهي آهي. هن چيو …

اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪمند جي پيڙهائي جي مُند جي پڄاڻي تي کنڊ جي پيداوار جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هلندڙ مُند ۾ کنڊ جي پيداوار حوصلي جوڳي رهي آهي. هن چيو ته ان سان قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۾ مدد سان گڏوگڏ ملڪي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ مناسب پهچ کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه کانسواءِ صنعت، واپار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل ادارن جي ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں