قمبر شهدادڪوٽ ۾ پوليس جون ڪارروايون، 5 ڄڻا گرفتار، منشيات، هٿيار ۽ ٻه موٽرسائيڪلون هٿ

لاڙڪاڻو _ 05 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي  جي حڪمن تي پوليس جون منشيات فروشن ۽  ڏوهارين خلاف سخت ڪارروايون جاري آهن.پوليس ٻن منشيات فروشن سميت پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات، هٿيار ۽ ٻه موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي. ايس ايڇ او قمبر سٽي ٿاڻو انسپيڪٽر عبدالمجيد ناريجو عملي سان گڏجي گشت دوران قمبر ٻير روڊ وٽ ڪارروائي …

لاڙڪاڻو _ 05 مئي (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي  جي حڪمن تي پوليس جون منشيات فروشن ۽  ڏوهارين خلاف سخت ڪارروايون جاري آهن.پوليس ٻن منشيات فروشن سميت پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات، هٿيار ۽ ٻه موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي. ايس ايڇ او قمبر سٽي ٿاڻو انسپيڪٽر عبدالمجيد ناريجو عملي سان گڏجي گشت دوران قمبر ٻير روڊ وٽ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار سعيد احمد سومرو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چار ڪلو گرام ڀنگ هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ٻي ڪارروائيءَ ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو نصيرآباد انسپيڪٽر غلام محمد بوزدار عملي سان گڏجي گشت دوران نصيرآباد باڊهه روڊ، گرڊ اسٽيشن وٽان ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار پنھل ڀٽي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان (1100) گرام چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. ٽين ڪارروائيءَ ۾ آءِ سي پي پي شهيد ايس آءِ پي ثناءُالله چانڊيو (ڊيرا) سب انسپيڪٽر محمد اسماعيل چانڊيو عملي سان گڏ گشت دوران ربن گاڏهي موڙ وٽ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار ضمير حسين ڀٽي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي ڪلو گرام ڀنگ هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.چوٿين ڪارروائيءَ ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو قبو سعيدخان انسپيڪٽر مختيار احمد مگسي عملي سان گڏ گشت دوران ڪارروائي ڪندي  قبو سعيد خان ٿاڻو جي ٻن ڪيسن ۾ گهربل جوابدار علي احمد عرف علي محمد عرف محمد علي مارفاڻي چانڊيو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڦر ڪيل ٻه موٽرسائيڪلون ۽ ڏوھ ۾ استعمال ٿيل هڪ پسٽل ميگزين سميت هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.پنجين ڪارروائيءَ ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو سجاول جوڻيجو انسپيڪٽر انور علي ابڙو عملي سان گڏ گشت دوران ٺوف چوسول روڊ وٽ ڪارروائي ڪندي ٿاڻو ميروخان جي ٻن ڪيسن ۾ اشتهاري جوابدار سعيد چانڊيو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بنا لائسنس وارو هڪ پسٽل هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.  پوليس گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

مزید خبریں