نوابشاهه -05 مئي (اي پي پي) شهيد بينظير آباد ضلع انتظاميه پاران معرڪه حق، آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي جي قيادت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان نواب شاهه پريس ڪلب تائين هڪ شاندار ريلي جو بندوبست ڪيو ويو. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بينرز هئا جن تي پاڪ …
ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد جي قيادت ۾ معرڪه حق جي ياد ۾ ريلي

مزید خبریں
نوابشاهه -05 مئي (اي پي پي) شهيد بينظير آباد ضلع انتظاميه پاران معرڪه حق، آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي جي قيادت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان نواب شاهه پريس ڪلب تائين هڪ شاندار ريلي جو بندوبست ڪيو ويو. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بينرز هئا جن تي پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا لکيل هئا. جڏهن ته شرڪت ڪندڙن پاران پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج جي حق م نعرا به لڳايا ويا. ريلي جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته حق جي ويڙهه آپريشن بنيان المرصوص قومي اتحاد، جرئت ۽ عزم جي علامت آهن. هن چيو ته پاڪ فوج پنهنجي پيشيواراڻي مهارت ۽ قربانين سان ملڪ جي دفاع کي يقيني بڻايو ۽ دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻايو. ريلي جي پڄاڻي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعا به ڪئي وئي. ريلي ۾ ضلعي انتظاميه کان علاوه مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، نمائندن، شاگردن، استادن، سول سوسائٽي ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.











