پشاور -05 مئي (اي پي پي)چارسده جي علائقي اتمانزئي ۾ نامعلوم شرپسندن جي فائرنگ ۾ جمعيت علما اسلام (جي يو آءِ) جو اڳوڻو ايم پي اي ۽ مشهور عالم دين شيخ الحديث مولانا محمد ادريس شهيد ٿي ويو آهي. پوليس موجب مولانا محمد ادريس پنهنجي گهر مان مدرسي وڃي رهيو هو ته ان دوران اتي اڳ ۾ لڪل نامعلوم هٿيار بندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هو …
چارسده ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، مشهور عالم دين شيخ الحديث ۽ اڳوڻو ايم پي اي مولانا محمد ادريس شهيد

مزید خبریں
پشاور -05 مئي (اي پي پي)چارسده جي علائقي اتمانزئي ۾ نامعلوم شرپسندن جي فائرنگ ۾ جمعيت علما اسلام (جي يو آءِ) جو اڳوڻو ايم پي اي ۽ مشهور عالم دين شيخ الحديث مولانا محمد ادريس شهيد ٿي ويو آهي. پوليس موجب مولانا محمد ادريس پنهنجي گهر مان مدرسي وڃي رهيو هو ته ان دوران اتي اڳ ۾ لڪل نامعلوم هٿيار بندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو . ڊسٽرڪ پوليس آفيسر ( ڊي پي او ) چار سده محمد وقاص موجب واقعي ۾ مولانا ادريس جي سيڪورٽي تي موجود ٻه پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا آهن جن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ڊي پي او جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ علائقي جو ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته حملو ڪندڙن جي ڳولا جاري آهي. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي. واقعي کي ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اصل حقيقت جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامهون ايندي. مشهور عالم دين شيخ الحديث مولانا محمد ادريس جي شهادت جي واقعي تي عوام ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو آهي. مڇريل عوام ان حوالي سان احتجاجي مظاهرو ڪندي تنگي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون.











