بيجنگ-05 مئي(اي پي پي)چين جي صوبي هنان ۾ آتش بازي جي پلانٽ ۾ ڌماڪي سبب 21 ڄڻا مارجي ويا ۽ 61 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب اختيارين ٻڌايو ته اهو ڌماڪو گذريل شام جو 4 لڳي 43 منٽن تي ليويانگ شهر ۾ موجود پلانٽ ۾ ٿيو جيڪو صوبائي گادي واري هنڌ چانگشا جي انتظام هيٺ هڪ ڪائونٽي سطح جو شهر آهي. اهو پلانٽ هواشينگ فائر ورڪس …
چين ۾ آتش بازي جي پلانٽ ۾ ڌماڪو، 21 ڄڻا مارجي ويا، 61 زخمي

مزید خبریں
بيجنگ-05 مئي(اي پي پي)چين جي صوبي هنان ۾ آتش بازي جي پلانٽ ۾ ڌماڪي سبب 21 ڄڻا مارجي ويا ۽ 61 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب اختيارين ٻڌايو ته اهو ڌماڪو گذريل شام جو 4 لڳي 43 منٽن تي ليويانگ شهر ۾ موجود پلانٽ ۾ ٿيو جيڪو صوبائي گادي واري هنڌ چانگشا جي انتظام هيٺ هڪ ڪائونٽي سطح جو شهر آهي. اهو پلانٽ هواشينگ فائر ورڪس مينيو فيڪچرنگ اينڊ ڊسپلي ڪمپني جو هيو. ريسڪيو آپريشن لاءِ پنجن ٽيمن تي ٻڌل 480 کان به وڌيڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽي ريسڪيو روبوٽس به استعمال ڪيا پيا وڃن. رپورٽ موجب ريسڪيو ٽيمن ڳولا کانپوءِ جاني نقصان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڳولا جو ٻيون مرحلو جاري آهي. هنگامي معاملن واري وزارت موجب ماهرن کي واقعي واري هنڌ موڪليو ويو آهي ته جيئن امدادي ڪارروائين جي لاءِ رهنمائي ڪري سگهجي. پوليس ڪمپني جي ذميوار شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.











