سعودي هيريٽج ڪميشن پاران گهربل لائيسنس کانسواءِ قيمتي ورثي وارين شين جي واپار تي ڏنڊ لاڳو ٿيندو

رياض_5 مئي (اي پي پي) سعودي هيريٽيج ڪميشن گهربل لائيسنس کانسواءِ قيمتي ورثي جي شين جي واپار تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا ڪميشن گذريل ڏينهن رپورٽ ۾ چيو ته اهو قدم مملڪت جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ ان جي سيڪٽر جي ريگوليشن جي تڪميل کي مضبوط بڻائڻ جي جاري ڪوششن جو حصو آهي. ڪميشن چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ۾ رجسٽريشن ، دستاويز يا ضروري لائيسنس کانسواءِ …

رياض_5 مئي (اي پي پي) سعودي هيريٽيج ڪميشن گهربل لائيسنس کانسواءِ قيمتي ورثي جي شين جي واپار تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا ڪميشن گذريل ڏينهن رپورٽ ۾ چيو ته اهو قدم مملڪت جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ ان جي سيڪٽر جي ريگوليشن جي تڪميل کي مضبوط بڻائڻ جي جاري ڪوششن جو حصو آهي. ڪميشن چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ۾ رجسٽريشن ، دستاويز يا ضروري لائيسنس کانسواءِ آن لائن پليٽ فارمز تي قيمتي ورثي جي شين جي نمائش ۽ وڪرو شامل آهي ، جيڪي قيمتي شيون ميوزيم ۽ شهري ورثي جي قانون جي واضع ڀڃڪڙي آهن . رپورٽ ۾ چيو ويو  آهي ته ڏنڊ جي نوعيت ڀڃڪڙي ۽ حالت مطابق مختلف هئي ۽ ڪجهه معاملن ۾ ڏنڊ 15 هزار ريال تائين  پهچي ويو . ڪميشن مملڪت جي ورثي جي هنڌ ۽ ڪليڪشنز بابت ڀڃڪڙين جي نگراني ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف قانوني ڪاروائي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں