برطانوي وزيراعظم کي مبينه طور پنهنجي انتهائي گهٽ مقبوليت سبب حڪمران ليبر پارٽي جي چونڊ مهم کان پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيڻو پيو: ڊيلي ٽيليگراف

لنڊن -05 مئي (اي پي پي) برطانيه جي سياست ۾ چونڊ سرگرمين دوران هڪ نئون تڪرار سامهون آيو آهي، جتي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي عوامي مقبوليت ۽ چونڊ مهم ۾ سندس محدود شرڪت تي سوال اٿاريا پيا وڃن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊيلي ٽيليگراف رپورٽ ڪيو آهي، ته برطانوي  وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کي مبينه طور پنهنجي انتهائي گهٽ ذاتي مقبوليت سبب حڪمران ليبر پارٽي جي چونڊ مهم تان پٺتي هٽڻ تي مجبور …

لنڊن -05 مئي (اي پي پي) برطانيه جي سياست ۾ چونڊ سرگرمين دوران هڪ نئون تڪرار سامهون آيو آهي، جتي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي عوامي مقبوليت ۽ چونڊ مهم ۾ سندس محدود شرڪت تي سوال اٿاريا پيا وڃن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊيلي ٽيليگراف رپورٽ ڪيو آهي، ته برطانوي  وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کي مبينه طور پنهنجي انتهائي گهٽ ذاتي مقبوليت سبب حڪمران ليبر پارٽي جي چونڊ مهم تان پٺتي هٽڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. 7 مئي تي برطانيه  ۾ مقامي چونڊون ٿي رهيون آهن، انهن چونڊن ۾ 134 مقامي ڪائونسلن جي 4800سيٽن تي مقابل ٿيندو جڏهن ته ويلز ۽ اسڪاٽ لينڊ جي پارليامينٽن جي جوڙجڪ به طئي ٿيندي. رپورٽ موجب ليبر پارٽي کي انگلينڊ جي مختلف شهري ڪائونسلن ۾ اٽڪل 2000 سيٽن کان محروم ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  سندس ويلش پارليامينٽ تان به ڪنٽرول وڃائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. رپورٽ ۾  چيو پيو وڃي ته اسٽارمر جا حامي نه پر مخالف وڌيڪ آهن، اها حيران ڪندڙ ڳالهه آهي،  ته گذريل ٻن مهينن دوران ڪيئر اسٽارمر ايندڙ چونڊن بابت رڳو 11 چونڊ سرگرمين ۾  شرڪت ڪئي آهي، ان جي ابتڙ ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻ ڪيمي بيڊينوڪ 41 ۽ ريفارم يو ڪي جي اڳواڻ نائجل فراج 71  چونڊ دورا ڪيا آهن.

مزید خبریں