اسلام آباد -05 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي چوڪي تي خوارجين جي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته دشمن جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملي ويا ۽ فورسز پنهنجي پيشيواراڻي مهارت سان هڪ ڀيرو ٻيهر قوم جو ڪنڌ فخر وچان اوچو ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ وفاقي وزير …
ريلوي بابت وفاقي وزير پاران ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي چوڪي تي خوارجين جي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -05 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي چوڪي تي خوارجين جي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته دشمن جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملي ويا ۽ فورسز پنهنجي پيشيواراڻي مهارت سان هڪ ڀيرو ٻيهر قوم جو ڪنڌ فخر وچان اوچو ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردي خلاف پختون عزم آهي ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام هر قيمت تي قائم رکيو ويندو. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ دشمن جي هر منصوبي کي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته واقعي ۾ زخمي ٿيل 7 شهرين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. سندس چوڻ هو ته خوارجين خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي هر محاذ تي شڪست ڏني ويندي.











