محمد اشرف صحرائي پنهنجي سڄي زندگي ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ وقف ڪئي: مشعال حسين ملڪ

اسلام آباد-05 مئي(اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهروري مشعال حسين ملڪ شهيد حريت اڳواڻ محمد اشرف صحرائي جي ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته محمد اشرف صحرائي سڄي زندگي ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ وقف ڪئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته اشرف صحرائي ڀارت جي ظلمن آڏو ثابت قدم رهيو ۽ سچ تي قائم رهيو ، قيد ۾ صعوبتون برداشت ڪيون پر …

اسلام آباد-05 مئي(اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهروري مشعال حسين ملڪ شهيد حريت اڳواڻ محمد اشرف صحرائي جي ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته محمد اشرف صحرائي سڄي زندگي ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ وقف ڪئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته اشرف صحرائي ڀارت جي ظلمن آڏو ثابت قدم رهيو ۽ سچ تي قائم رهيو ، قيد ۾ صعوبتون برداشت ڪيون پر ڪڏهن به پنهنجي موقف کان پوئتي نه هٽيو. مشعال ملڪ چيو ته سندس شهادت ڪشمير جي آزادي واري جدوجهد جو اهم باب آهي. اڄ جو ڏينهن رڳو سندس ياد جو ڏينهن ناهي پر عهد جو ڏينهن آهي، اسان شهيدن جي مشن کي زنده رکنداسين. مشعال ملڪ دعا ڪئي ته الله سائين شهيدن جا درجات بلند ڪري ۽ انهن جي قربانين جي صدقي ڪشمير هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿيندو.

مزید خبریں