پشاور -05 مئي (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي مشهور ديني عالم ۽ اڳوڻي ايم پي اي شيخ الحديث مولانا ادريس جي قاتلاڻي حملي ۾ شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب واقعي جي خبر پوندي ئي گورنر اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪيو ۽ رپورٽ طلب ڪئي. هن مولانا ادريس جي شهادت کي صرف صوبي ئي نه پر ملڪ لاءِ ناقابل …
خيبر پختونخوا جي گورنر پاران مولانا ادريس جي قاتلاڻي حملي ۾ شهادت تي افسوس جو اظهار، رپورٽ طلب

مزید خبریں
پشاور -05 مئي (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي مشهور ديني عالم ۽ اڳوڻي ايم پي اي شيخ الحديث مولانا ادريس جي قاتلاڻي حملي ۾ شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب واقعي جي خبر پوندي ئي گورنر اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪيو ۽ رپورٽ طلب ڪئي. هن مولانا ادريس جي شهادت کي صرف صوبي ئي نه پر ملڪ لاءِ ناقابل برداشت نقصان قرار ڏنو. هن چيو ته مولانا ادريس جي زندگي دين جي پرچار ۽ امن کي هٿي وٺائڻ ۾ گذري رهي هئي، اهڙا عالم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي اکين ۾ چڀندا آهن. هن چيو ته مولانا جي شهادت ضايع نه ويندي ۽ قاتلن کي سخت سزا ڏياري ويندي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ڏک جي ان گهڙي ۾ صبر ڪن. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي شهيد جي وارثن، شاگردن ۽ عقيدتمندن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندن صبر لاءِ دعا ڪئي.











