اسلام آباد - 04 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آئل ريفائنريز ۽ تيل ذخيرو ڪرڻ جي سهولتن جي سيڪيورٽي جي جائزي بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ ريفائنريز ۽ تيل ذخيرو ڪرڻ جي ٻين سهولتن جي حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو. نيشنل ڪوآرڊينيشن اينڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر ڪميٽي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، تيل ٺڪاڻن جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو، حڪومت پاران توانائي ڍانچي جي تحفظ جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آئل ريفائنريز ۽ تيل ذخيرو ڪرڻ جي سهولتن جي سيڪيورٽي جي جائزي بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ ريفائنريز ۽ تيل ذخيرو ڪرڻ جي ٻين سهولتن جي حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو. نيشنل ڪوآرڊينيشن اينڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته اسٽريٽجڪ سهولتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين بشمول ريفائنريز ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين سان مشاورت ۽ هم آهنگي سان ضروري قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته انهن حفاظتي قدمن جا خرچ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون برداشت ڪنديون. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سيڪيورٽي جي موجوده انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي سڄي ملڪ ۾ بنا رڪاوٽ ٻارڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهم توانائي جي بنيادي ڍانچي جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، پيٽروليم ۽ گهرو معاملن وارن وفاقي سيڪريٽرين سميت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.









