حق جي ويڙهه ۾ پاڪ فضائيه وقت سر فيصلن ذريعي دشمن جي عددي برتري کي غير اثرائتو بڻايو: عاصم سليمان

راولپنڊي- 04 مئي (اي پي پي) حق جي ويڙهه کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي رٽائرڊ ايئر مارشل عاصم سليمان چيو آهي ته اها ويڙهه جديد فضائي جنگ جي هڪ نمايان مثال بڻجي سامهون آئي، جنهن ۾ پاڪ فضائيه اعليٰ حڪمت عملي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ وقت سر فيصلن ذريعي دشمن جي عددي برتريءَ کي غير اثرائتو بڻائي ڇڏيو. سرڪاري خابرو ادري ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران هن …

راولپنڊي- 04 مئي (اي پي پي) حق جي ويڙهه کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي رٽائرڊ ايئر مارشل عاصم سليمان چيو آهي ته اها ويڙهه جديد فضائي جنگ جي هڪ نمايان مثال بڻجي سامهون آئي، جنهن ۾ پاڪ فضائيه اعليٰ حڪمت عملي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ وقت سر فيصلن ذريعي دشمن جي عددي برتريءَ کي غير اثرائتو بڻائي ڇڏيو. سرڪاري خابرو ادري ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته حق جي ويڙهه جي ڪاميابيءَ جو بنيادي سبب تيز رفتار فيصلي سازي، جديد سينسرز ۽ مربوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جو اثرائتو استعمال هو، جنهن سبب پاڪ فضائيه نهايت گهٽ وقت ۾ فيصلائتي برتري حاصل ڪئي. ايئر مارشل (ر) عاصم سليمان جو چوڻ هو ته جي سي- 10 ۽ ٿنڊر جي. ايف-17 جهازن سان گڏ پي. ايل-15 ميزائلن جي استعمال سان فرسٽ لڪ، فرسٽ شوٽ جي برتري حاصل ڪئي وئي، جڏهن ته ايڇ ڪيو- 9 به دفاعي نظام فضائي حدن جو مضبوط تحفظ يقيني بڻايو. هن چيو ته ان ويڙهه جي خاص ڳالهه فضائي، زميني ۽ سائبر صلاحيتن جو مربوط انضمام هو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فضائيه ڪجهه ئي منٽن ۾ اثرائتو ۽ فيصلائتو ردعمل ڏئي دشمن کي سوچڻ جو موقعو نه ڏنو. هن چيو ته جديد هٿيارن ۽ سائبر صلاحيتن جي ميلاپ ان آپريشن جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اثرائتي حڪمت عملي، اڳواٽ رٿابندي ۽ مڪمل تياريءَ سبب پاڪ فضائيه هر مرحلي تي برتري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.

مزید خبریں