پاڪ بحريه جو عربي سمنڊ ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي ريسڪيو آپريشن جاري

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) پاڪ بحريه جو عربي سمنڊ ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي. آپريشن دوران پاڪ بحريه جا اهلڪار ايم وي گوتم تي موجود 6 ڀارتي ۽ هڪ انڊونيشيائي عملي کي هنگامي امداد فراهم ڪري رهيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب عمان کان ڀارت ويندڙ ايم وي گوتم ۾ فني خرابيءَ تي ميري ٽائيم ريسڪيو اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ممبئي پاڪستاني عملدارن سان …

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) پاڪ بحريه جو عربي سمنڊ ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي. آپريشن دوران پاڪ بحريه جا اهلڪار ايم وي گوتم تي موجود 6 ڀارتي ۽ هڪ انڊونيشيائي عملي کي هنگامي امداد فراهم ڪري رهيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب عمان کان ڀارت ويندڙ ايم وي گوتم ۾ فني خرابيءَ تي ميري ٽائيم ريسڪيو اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ممبئي پاڪستاني عملدارن سان رابطو ڪيو. هنگامي اطلاع ملندي ئي پاڪ بحريه پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي جهاز ڪشمير کي امدادي ڪارروائيءَ لاءِ روانو ڪيو. جهاز تي موجود ڀارتي ۽ انڊونيشيائي عملي کي خوراڪ، طبي امداد ۽ فني معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته پاڪ بحريه سمنڊ ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ اثرائتي مدد لاءِ هر وقت تيار ۽ پُرعزم آهي.