اسلام آباد - 04 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ پيٽروليم، تيل ۽ لبريڪينٽس جي ذخيرن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران پيٽروليم واري وزارت ڪميٽي کي موجوده سپلاءِ جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايندڙ کيپن کي نظر ۾ رکندي جون 2026ع جي ٽئين هفتي تائين سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، ملڪ ۾ پيٽروليم، تيل ۽ لبريڪينٽس جي ذخيرن جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ پيٽروليم، تيل ۽ لبريڪينٽس جي ذخيرن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران پيٽروليم واري وزارت ڪميٽي کي موجوده سپلاءِ جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايندڙ کيپن کي نظر ۾ رکندي جون 2026ع جي ٽئين هفتي تائين سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏا ذخيرا موجود آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته سپلاءِ جي صورتحال جي روزاني جي بنياد تي نيشنل ڪوآرڊينيشن اينڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي ذريعي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي ته جيئن موثر نگراني ۽ اڳواٽ سپلاءِ چين مئنيجمينٽ کي يقيني بڻائي سگهجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سمورين لاڳاپيل ڌرين جي ڪوششن کي ساراهيو جن عالمي ۽ مقامي چئلينجز جي باوجود سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ جي مستحڪم ۽ قابل اعتماد فراهمي کي يقيني بڻايو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزير، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پيٽروليم واري سيڪريٽري، گهرو معاملن واري سيڪريٽري، اوگرا جي نمائندن ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.











