لاهور- 04 مئي (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت مستحقن تائين سندن حق عزت ۽ احترام سان پهچائڻ پهرين ترجيح آهي. حڪومت ڏکوئيل انسانيت جي خدمت لاءِ صحت ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ تاريخي قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آفيس قصور جي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت مستحقن تائين سندن حق عزت ۽ احترام سان پهچائڻ پهرين ترجيح آهي: سيد عمران احمد شاهه

مزید خبریں
لاهور- 04 مئي (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت مستحقن تائين سندن حق عزت ۽ احترام سان پهچائڻ پهرين ترجيح آهي. حڪومت ڏکوئيل انسانيت جي خدمت لاءِ صحت ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ تاريخي قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آفيس قصور جي دؤري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب ڊجيٽل سسٽم ذريعي مستحقن تائين سندن حق عزت ۽ احترام سان پهچائڻ اسان جي ترجيح آهي. هن قومي غربت کان نجات پروگرام کي معاشي تاريخ جو نئون باب قرار ڏنو ۽ چيو ته مستحقن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ سندن مالي معاونت جاري رکنداسين. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بيت المال تحت جديد سهولت سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جتي مستحق مريضن کي هڪ ئي ڇِت هيٺان طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سمورن وفاقي پروگرامن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته سمز جي فراهمي کي مڪمل شفاف بڻايو وڃي ته جيئن بينيفشريز موبائل والٽ ذريعي پنهنجي رقم آسانيءَ سان وصول ڪري سگهن. ان کان اڳ وفاقي وزير قصور آفيس جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ مستحقن کي ملندڙ امداد جي طريقيڪار کي تسلي بخش قرار ڏنو.









