ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ اپريل دوران ساليانو ۽ ماهوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ اپريل دوران ساليانو ۽ ماهوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. او سي اي سي ۽ عارف حبيب ريسرچ جي رپورٽ مطابق اپريل ۾ ملڪ ۾ 1.36 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو رڪارڊ ٿيو، جيڪو مارچ جي 1.44 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال اپريل جي 1.46 ملين ٽن جي …

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ اپريل دوران ساليانو ۽ ماهوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. او سي اي سي ۽ عارف حبيب ريسرچ جي رپورٽ مطابق اپريل ۾ ملڪ ۾ 1.36 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو رڪارڊ ٿيو، جيڪو مارچ جي 1.44 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال اپريل جي 1.46 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو گهٽ آهي. انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ ملڪ ۾ 13.76 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 13.22 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق اپريل ۾ 0.61 ملين ٽن پيٽرول جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مارچ جي 0.67 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال اپريل جي 0.66 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو گهٽ آهي، مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ ملڪ ۾ 6.41 ملين ٽن پيٽرول جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 6.17 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي.