اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 954.77 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 163948.94 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 560 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 295 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 154 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 114 ڪمپينن جي شيئرز جي استحڪام رهيو، ڪاروباري سرگرمين دوران 696.70 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 34.91 ارب رپيا هئي. ڪي ايس …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 954.77 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 163948.94 پوائنٽس تي بند

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 954.77 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 163948.94 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 560 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 295 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 154 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 114 ڪمپينن جي شيئرز جي استحڪام رهيو، ڪاروباري سرگرمين دوران 696.70 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 34.91 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 306.55 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 49396.77 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1269.93 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 235367.68 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 8.63 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 0.6 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 65 ارب ڊالر ٿي ويو. گذريل ڏينهن حيسڪول جي 51509056 شيئرز، سينر جيڪو پي ڪي لميٽيڊ جي 50165739 شيئرز ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي 49675264 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ميرٽ پيڪجنگ لميٽيڊ، عروج انڊسٽريز لميٽيڊ ۽ هاله انٽر پرائز لميٽيڊ سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











