اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سُومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 43 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 50 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 33 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 33 هزار 900 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سُومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 43 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 50 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 33 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 33 هزار 900 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 71هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 71 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 37 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 50 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 50 هزار 100 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 12 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1461.74 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.395 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1161.25 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.177 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.235 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.









