اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف فنانس اينڊ سسٽين ايبلٽي جي صدر مسٽر ماجون ملاقات ڪئي. سُومر ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ماجون، وفاقي وزير کي چين جي گرين ايڪسلريٽر پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ڏني جيڪو 2016ع ۾ 35 جامع پاليسي سفارشن تي ٻَڌل هڪ فريم ورڪ …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان چين جي انسٽيٽيوٽ آف فنانس اينڊ سسٽين ايبلٽي جي صدر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف فنانس اينڊ سسٽين ايبلٽي جي صدر مسٽر ماجون ملاقات ڪئي. سُومر ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ماجون، وفاقي وزير کي چين جي گرين ايڪسلريٽر پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ڏني جيڪو 2016ع ۾ 35 جامع پاليسي سفارشن تي ٻَڌل هڪ فريم ورڪ تحت شروع ڪيو ويو هو. هن ٻُڌايو ته چين ان پروگرام تحت دنيا جو سڀ کان وڏي گرين فنانسنگ نظام قائم ڪيو آهي، جنهن جو ڪاٿو اٽڪل 7 ٽريلين آمريڪي ڊالر آهي. چين هن وقت دنيا ۾ هوا ۽ شمسي توانائيءَ جي اوزارن جي تقريبن 70 سيڪڙو پيداوار، جڏهن ته عالمي اليڪٽرڪ گاڏين جي پيداوار جو تقريبن 60 سيڪڙو حصو فراهم ڪري رهيو آهي. ماجون وضاحت ڪئي ته گرين ايڪسلريٽر پروگرام جو بنيادي مقصد ٽيڪنالاجي، فنانس، ڪاربان مارڪيٽس ۽ رٿابندي جي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي سيڙپڪاري قابل (بئنڪ ايبل) گرين منصوبو تيار ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان طرزِ عمل سان عمل جوڳي ۽ واپاري بنيادن تي پائيدار موسمياتي حل سامهون آڻي سگهجن ٿا. ملاقات دوران مختلف ملڪن ۾ گرين ٽيڪنالاجيز ۽ منصوبن جي عملي لاڳو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان ۾ بنگلاديش ۾ جوٽ جي ڪاٺ مان بايوچار جي پيداوار، چين ۽ ازبڪستان ۾ سمارٽ ۽ اثرائتي آبپاشي نظام ۽ ابوظهبي ۾ پائيدار ريگستاني زراعت جا منصوبا شامل آهن. ان موقعي ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته جديد ۽ تخليقي حل کي مقامي حالتن موجب اختيار ڪرڻ ۽ ان جي مالي پائيداريءَ کي يقيني بنائڻ نهايت اهم آهي. وفاقي وزير، ماجون کي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي قدمن ”گرين فيلڊز“ بابت آگاهه ڪيو، جنهن جو مقصد گرين منصوبن تي ڪم ڪندڙ نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي قومي ۽ عالمي سيڙپڪارن سان ڳنڍڻ آهي. انهن قدمن ذريعي پاڪستان ۾ گرين انٽرپرينيورشپ کي هٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن لاءِ پائيدار ترقيءَ جا موقعا پيدا ڪرڻ آهن. وفاقي وزير گرين فنانس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ چين جي ڪردار کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عملي، توسيع جوڳي ۽ مقامي ضرورتن سان هم آهنگ موسمياتي حل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عالمي سهڪار نهايت اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ سر سبز ۽ جٽادار معيشت طرف منتقليءَ لاءِ عالمي تجربن ۽ ڀائيوارين مان ڀرپور فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي.









