اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ هلندڙ مالي سال دوران مجموعي طور تي 2 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل سال جون مهيني جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 19.269 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن مان اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو …
ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ هلندڙ مالي سال دوران 2 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ هلندڙ مالي سال دوران مجموعي طور تي 2 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل سال جون مهيني جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 19.269 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن مان اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 14.505 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.763 ارب ڊالر هو. 24 اپريل تي ختم ٿيل هفتي تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيتو 21.269 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 15.828 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.441 ارب ڊالر هو ، هلندڙ مالي سال جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 1.322 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 678 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.









