اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سينئر صحافي جاويد رحمان جي والد پروفيسر حفيظ الرحمان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته والدين قدرت جا انمول تحفا هوندا آهن. والد جي ڇانوَ انسان لاءِ هڪ عظيم نعمت هوندي آهي ۽ سندس لاڏاڻو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن، جاويد رحمان …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سينئر صحافي جاويد رحمان جي والد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سينئر صحافي جاويد رحمان جي والد پروفيسر حفيظ الرحمان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته والدين قدرت جا انمول تحفا هوندا آهن. والد جي ڇانوَ انسان لاءِ هڪ عظيم نعمت هوندي آهي ۽ سندس لاڏاڻو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن، جاويد رحمان ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ ڏکوئيل ڪٽنب جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.









