ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران عالمي سطح تي پاڪستان جو ذميواراڻو رويو ۽ واضح موقف

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) پاڪستان، ڀارتي نام نهاد ”آپريشن سندور“ جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ اشتعال انگيزي جي باوجود ذميواراڻو رويو اپنايو. تفصيل مطابق پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ڀارت کي هر فورم تي ڪنهن به قسم جي مهم جوئي ۽ جارحيت کان باز رهڻ کان خبردار ڪندو رهيو. برطانيه ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل، معرڪه حق کان اڳ ڀارت کي خبردار ڪندي چيو ته فيبروري …

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) پاڪستان، ڀارتي نام نهاد ”آپريشن سندور“ جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ اشتعال انگيزي جي باوجود ذميواراڻو رويو اپنايو. تفصيل مطابق پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ڀارت کي هر فورم تي ڪنهن به قسم جي مهم جوئي ۽ جارحيت کان باز رهڻ کان خبردار ڪندو رهيو. برطانيه ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل، معرڪه حق کان اڳ ڀارت کي خبردار ڪندي چيو ته فيبروري 2019ع جيان پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، هن ڀيري به ڀارت حملو ڪيو ته پاڪستان طرفان مناسب جواب ڏنو ويندو. ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ڪشمير هڪ تڪراري مسئلو آهي جنهن جو يو اين جي مداخلت يا گڏيل معاهدن تحت حل ڪڍڻ اڻٽر آهي. آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ، به ڀارت کي جارحيت کان پري رهڻ جي سخت تنبيه ڪئي هئي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي سرزمين تي حملو ٿيو ته پاڪستان پنهنجي پوري قوت سان ڀارت کي جواب ڏيندو. پاڪستاني سفير چيو ته جيڪڏهن ايٽمي پاڙيسرين ۾ جنگ شروع ٿي ته اها ڪيستائين ويندي ڪو به نٿو ڄاڻي. ماهرن مطابق پاڪستان، ڀارتي اشتعال انگيزين جي باوجود خطي کي جنگي تباهي کان بچائڻ لاءِ هميشه ڳالهين ۽ پرامن حل تي زور ڏئي ٿو .