اين ڊي ايم اي پاران ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو الرٽ جاري

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان مطابق موجوده صورتحال اين اي او سي طرفان 3 کان 4 مهينا اڳ جاري موسمي جائزي مطابق آهي. اين اي او سي طرفان …

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان مطابق موجوده صورتحال اين اي او سي طرفان 3 کان 4 مهينا اڳ جاري موسمي جائزي مطابق آهي. اين اي او سي طرفان اپريل مهيني کان جون جي امڪاني موسمي صورتحال جو جائزو اڳ ئي جاري ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ جاري موسمي صورتحال اين اي او سي طرفان جاري اڳواٽ الرٽس جي مطابق آهي. ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، خيبر پختونخوا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت جي علائقن ۾ برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد، مري، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، تله گنگ، گوجر خان، جهلم، سيالڪوٽ، نارووال، ليه، گجرات،گوجرانواله، حافظ آباد، منڊي بهاءُالدين، لاهور، قصور، ميانوالي، سرگوڌا، جهنگ ۽ ملتان جي علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گلگت، اسڪردو، هنزه، نگر، غزر، ديامر، استور، مظفر آباد، نيلم ويلي، باغ، حويلي، پونڇ، راولاڪوٽ، ڪوٽلي، ميرپور ۽ ڀمبر ۾ برسات جڏهن ته خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ به تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. چترال، دير، سوات، ڪالام، مينگوره، ملاڪنڊ، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هر پور، نوشهره، پشاور، مردان، باجوڙ، چارسده، ڪوهاٽ، ڪرڪ، بنون، لڪي مروت، ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا جي ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو به خدشو آهي. وڌندڙ گرمي پد سبب گليشيئرز ۽ برف پگهرجڻ سبب گليشيائي ڍنڍ پگهرجڻ، ٻوڏ جي ريلن ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي. شهري گليشيائي ڍنڍن جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪن، احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. تيز هوائن ۽ امڪاني ڳڙو پوڻ سبب ڪمزور تعميرات، سولر پينل ۽ گاڏين کي نقصان جو خدشو آهي. جابلو علائقن ۾ برسات سبب سفر ۾ مشڪلات پيش اچي سگهن ٿيون، شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ سفر دوران احتياط ڪن، آنڌاڻي ۽ خراب موسم دوران محفوظ هنڌن تي رهن. مقامي انتظاميه ۽ موسمي ايڊوائزري تي عمل ڪن.