حيدرآباد- 04 مئي (اي پي پي) پاڪستان جا دشمن سمجهي وٺن ته هو پاڪستان جو ڪجهه به نٿا بگاڙي سگهن، پاڪستان جا پٽ پنهنجي وطن جو دفاع ڪرڻ چڱي نموني ڄاڻن ٿا، اسان جي فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ان کان پوءِ سڄي دنيا کي اسان جي طاقت ۽ قومي جذبي جي خبر پئجي ويئي آهي. انهن خيالن جو اظهار متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ايم پي …
پاڪستان جا دشمن سمجهي وٺن ته هو پاڪستان جو ڪجهه به نٿا بگاڙي سگهن: صابر حسين قائم خاني

مزید خبریں
حيدرآباد- 04 مئي (اي پي پي) پاڪستان جا دشمن سمجهي وٺن ته هو پاڪستان جو ڪجهه به نٿا بگاڙي سگهن، پاڪستان جا پٽ پنهنجي وطن جو دفاع ڪرڻ چڱي نموني ڄاڻن ٿا، اسان جي فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ان کان پوءِ سڄي دنيا کي اسان جي طاقت ۽ قومي جذبي جي خبر پئجي ويئي آهي. انهن خيالن جو اظهار متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ايم پي اي انجنيئر صابر حسين قائم خاني معرڪه حق جي سالگره جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ئي ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان دوران ڀارت ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪئي ته پاڪستان کي دٻاءَ ۾ آڻي ڪهڙي به طرح ان کي ناڪام ڪيو وڃي، جنهن جو کليل اظهار سندن اڳواڻ به پنهنجي تقريرن ۾ ڪندا رهياآهن. اسان کي ٽي چار ڀيرا ڀارتي جارحيت کي منهن ڏيڻو پيو پر 2025ع ان حوالي سان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. پهلگام واقعي جي آڙ ۾ ڀارت پاڪستان مخالف سازشون شروع ڪيون ۽ پاڪستان خلاف بنا جواز جارحيت ڪئي جنهن تي پاڪستان پنهنجو ڀرپور دفاع ڪندي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. صابر حسين قائم خاني چيو ته مان فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير سميت پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي قيادت، جوانن ۽ عوام کي سلام پيش ڪيان ٿو جن ڀارتي جارحيت کي قومي اتحاد سان سخت جواب ڏنو ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستان جي قوم کي فتح ڪرڻ آسان ناهي. صابر قائم خاني چيو ته سياست سڀني جي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي آهي، منشور الڳ الڳ آهن، طريقيڪار ۾ اختلاف ٿي سگهي ٿو پر مقصد سڀني جو هڪ ئي آهي ته پاڪستان مضبوط هجي ۽ عوام پرسڪون زندگي گذاري سگهي، ۽ اهو ئي اسان جو مشن آهي جيڪو پاڪستان ٺاهيندڙ قيادت جو به مشن هو ته پاڪستان نه رڳو دنيا ۾ هڪ عزتدار ملڪ طور پنهنجو نالو پيدا ڪندو پر مسلم دنيا جي قيادت به ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جي موجوده قيادت جي جيڪا قابليت آهي اها اڀري سامهون آئي آهي جنهن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته يقينن پاڪستان مسلمانن لاءِ الله پاڪ جو هڪ تحفو ۽ انعام آهي. هن چيو ته جڏهن به پاڪستان جي ڳالهه ايندي آهي ته سڀ پنهنجا اختلاف وساري گڏ ٿي ويندا آهن ۽ اهو پيغام دشمنن لاءِ به آهي ته هو ڪڏهن به پاڪستان کي نقصان نه ٿا پهچائي سگهن. پاڪستان جا پٽ ۽ وارث پاڪستان جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا ۽ ڪري رهيا آهن.











