لاڙڪاڻو/قمبر شھدادڪوٽ- 04 مئي (اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ايس ايس پي حسن سردار احمد خان نيازي جي حڪمن تي سي آءِ اي ٿاڻي جي پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي ايراني ڊيزل جي غيرقانوني اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي مهران ڪار مان (600) لٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويئي آهي. قمبر پوليس موجب پاسبان سي آءِ اي قمبر شھدادڪوٽ جي انسپيڪٽر ميران خان دراني …
سي آءِ اي ٿاڻي جي پوليس پاران ڪامياب ڪارروائي، ايراني ڊيزل جي غيرقانوني اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، 600 لٽر ايراني ڊيزل هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو/قمبر شھدادڪوٽ- 04 مئي (اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ايس ايس پي حسن سردار احمد خان نيازي جي حڪمن تي سي آءِ اي ٿاڻي جي پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي ايراني ڊيزل جي غيرقانوني اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي مهران ڪار مان (600) لٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويئي آهي. قمبر پوليس موجب پاسبان سي آءِ اي قمبر شھدادڪوٽ جي انسپيڪٽر ميران خان دراني ۽ سندس ٽيم گشت دوران ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي، هڪ مهران ڪار رجسٽريشن نمبر AZG-916 کي پوليس تحويل ۾ وٺي، مختلف ڊرمن مان غيرقانوني (600) لٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪري ورتو. ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڪسٽم اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي.











