ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، سيڙپڪارن جي اعتماد سبب ماڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان جاري

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. جتي سيڙپڪارن جي ڀرپور اعتماد سبب ماڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان جاري رهيو. ڪاروبار جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس ۾ 3500 کان وڌيڪ پوائنٽن جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ انڊيڪس وڌي هڪ لک 66 هزار 826 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. …

اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. جتي سيڙپڪارن جي ڀرپور اعتماد سبب ماڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان جاري رهيو. ڪاروبار جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس ۾ 3500 کان وڌيڪ پوائنٽن جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ انڊيڪس وڌي هڪ لک 66 هزار 826 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن 100 انڊيڪس هڪ لک 62 هزار 994 پوائنٽس تي بند ٿيو هو، جڏهن ته نئين ڪاروباري هفتي جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ غير معمولي تيزي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪئي آهي. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. 3500 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 66 هزار 826 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 62 هزار 994 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو. ٻئي پاسي آمريڪا پاران آبنائي هرمز جي ناڪا بندي ختم ڪرڻ واري فيصلي کان پوءِ ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ تيزي ڏٺي پئي وڃي. هانگ ڪانگ جي هينگ سينگ انڊيڪس ۾ 1.71 سيڪڙو اضافو ٿيو. ملائيشيا جي فٽسي برسا انڊيڪس ۾ 0.43 سيڪڙو جي تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته جاپان جي نڪي انڊيڪس ۾ 0.38 سيڪڙو جواضافو ڏسڻ ۾ آيو. ٿائيلينڊ سيٽ انڊيڪس ۾ 0.13 سيڪڙو جي تيزي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته چين جي شنگهائي ڪمپوزٽ انڊيڪس ۾ 0.11 سيڪڙو جو اضافو ڏٺو ويو. معاشي ماهرن موجب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان ملڪي معيشت جي استحڪام، ڪاروباري سرگرمين ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي وڌندڙ موقعن جو مظهر آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته سيڙپڪارن پاران مختلف شعبن ۾ ڀرپور دلچسپي سبب مارڪيٽ ۾ تيزي برقرار رهڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي.