ڪراچي- 04 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت اڄ معرڪه حق جي ڪاميابي جو جشن ملهائي رهي آهي، جيڪو قومي اتحاد ۽ دفاعي طاقت جو واضح ثبوت آهي. اھڙو اظهار هن سنڌ حڪومت پاران مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيلِ جشن “معرڪه حق” جي تقريب کي خطاب دوران ڪيو . هن چيو ته اڄ کان هڪ سال اڳ ڀارت پاڪستان …
سنڌ حڪومت معرڪه حق جي ڪاميابي جو جشن ملهائي رهي آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 04 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت اڄ معرڪه حق جي ڪاميابي جو جشن ملهائي رهي آهي، جيڪو قومي اتحاد ۽ دفاعي طاقت جو واضح ثبوت آهي. اھڙو اظهار هن سنڌ حڪومت پاران مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيلِ جشن “معرڪه حق” جي تقريب کي خطاب دوران ڪيو . هن چيو ته اڄ کان هڪ سال اڳ ڀارت پاڪستان ڏانهن جارحاڻي نگاهه سان ڏٺو، پر پاڪستان جي هٿياربند فوج ، سياسي قيادت، ميڊيا ۽ عوام گڏجي هڪ مضبوط ديوار بڻجي بيٺا. سندس چوڻ هو ته 22 اپريل تي ڀارت پاران فالس فليگ آپريشن ڪيو ويو ۽ بي بنياد الزام پاڪستان تي لڳايا ويا، جڏهن ته پاڪستان هميشه امن پسند ملڪ طور شاهديون گهريون. وزيراعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته ڀارت ڪنهن به قسم جو ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، پر ان باوجود فوجي جارحيت شروع ڪئي ۽ بارڊر فورسز کان پوءِ پنهنجي ايئر فورس کي استعمال ڪيو. هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستاني فوج ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيندي ڪيترائي جهاز ۽ ڊرون تباهه ڪيا، جنهن کان پوءِ ڀارت کي احساس ٿيو ته پاڪستان سان جنگ ممڪن ناهي. سيد مراد علي شاه چيو ته ڀارتي ميڊيا پروپيگنڊا ذريعي ڪوڙيون خبرون هلائيندي رهي، جن ۾ ڪراچي پورٽ تي حملي جون خبرون به شامل هيون، جيڪي مڪمل طور تي غلط ثابت ٿيون. هن چيو ته پاڪستان هر حرڪت تي نظر رکي ۽ بروقت قدم کنيا. هن پنهنجي خطاب ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هن 10 جنوري 1972ع تي ملتان ۾ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جو بنياد وڌو، جڏهن ته بينظير ڀٽو ميزائل پروگرام کي اڳتي وڌايو. وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته جديد دور ۾ پاڪستان جي فضائي طاقت، خاص طور تي JF-17 ۽ J-10C جهازن، دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻايو، جيڪي اڳوڻي دور حڪومت ۾ حاصل ڪيا ويا هئا، جڏهن آصف علي زرداري صدر هئا. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نه رڳو دنيا جي نوجوان پرڏيهي وزير طور سفارتي محاذ تي پاڪستان جو مؤقف موثر انداز ۾ پيش ڪيو، پر معرڪه حق دوران به اهم ڪردار ادا ڪيو. سيد مراد علي شاه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، حڪومت ۽ قيادت ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، جڏهن ته پاڪستان جي دفاعي حڪمت عملي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت هيٺ مضبوط هٿن ۾ آهي.هن عالمي حالتن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن جو مثال ايران ۽ آمريڪا جي قيادت کي اسلام آباد ۾ گڏ ويهارڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي آهي ۽ عالمي امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو. آخر ۾ وزيراعليٰ سنڌ چيو ته پاڪستان هميشه فلسطين جي حمايت ڪندو ۽ اسرائيل جي جارحيت خلاف آواز اٿاريندو رهندو.











