معرڪه حق جي عنوان هيٺ بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ آگاهي سيشن منعقد

لاڙڪاڻو- 04 مئي (اي پي پي) بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج ۾ “معرڪه حق” جي موضوع تي هڪ اهم آگاهي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪ آرمي جي ڪردار ۽ قربانين کي پڻ اجاگر ڪيو ويو.مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ امن لاءِ پاڪ آرمي جي جوانن جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هنن وڌيڪ چيو ته “معرڪه حق” جو تصور سچ، انصاف ۽ …

لاڙڪاڻو- 04 مئي (اي پي پي) بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج ۾ “معرڪه حق” جي موضوع تي هڪ اهم آگاهي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪ آرمي جي ڪردار ۽ قربانين کي پڻ اجاگر ڪيو ويو.مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ امن لاءِ پاڪ آرمي جي جوانن جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هنن وڌيڪ چيو ته “معرڪه حق” جو تصور سچ، انصاف ۽ وطن سان وفاداري جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. سيشن جو مقصد شاگردياڻين ۾ قومي شعور، ذميواري ۽ حق لاءِ بيهڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻ هو. تقريب دوران شاگردياڻين کي تلقين ڪئي وئي ته هو مثبت ڪردار ادا ڪندي معاشري ۾ بهتري آڻين.

مزید خبریں