منيلا- 04 مئي (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ اعلان ڪيو آهي، ته هو 2035ع تائين توانائي ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي نون منصوبن لاءِ 70 ارب ڊالرن جي مدد فراهم ڪندي، جنهن جو مقصد بجلي جي نظام کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ، سرحد پار بجلي جي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ ۾ براڊ بينڊ تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بئنڪ جي صدر ماساتو …
ايشيائي ترقياتي بئنڪ 2035ع تائين توانائي ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر لاءِ 70 ارب ڊالرز فراهم ڪيا ويندا: صدر ماساتو ڪاندا

مزید خبریں
منيلا- 04 مئي (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ اعلان ڪيو آهي، ته هو 2035ع تائين توانائي ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي نون منصوبن لاءِ 70 ارب ڊالرن جي مدد فراهم ڪندي، جنهن جو مقصد بجلي جي نظام کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ، سرحد پار بجلي جي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ ۾ براڊ بينڊ تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بئنڪ جي صدر ماساتو ڪاندا چيو ته توانائي ۽ ڊجيٽل پهچ خطي جي مستقبل جو تعين ڪندا. هن چيو ته اهي قدم ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي ترقي، چٽاڀيٽي ۽ گڏيل رابطي لاءِ گهربل نظام فراهم ڪندا. هن چيو ته سرحدن پار بجلي جي نظام ۽ ڊجيٽل نيٽ ورڪس کي ڳنڍي لاڳت گهٽ ڪري سگهجي ٿي، موقعا وڌائي سگهجن ٿا ۽ ڪروڙين ماڻهن کي اعتماد جوڳي بجلي ۽ ڊجيٽل سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. ٻين ايشيا پاور گرڊ قدمن تحت قومي ۽ ذيلي علائقائي بجلي جي نظامن کي ڳنڍي سگهجي ٿو ته جيئن تجديد جوڳي توانائي سرحد پار منتقل ٿي سگهي، جڏهن ته ايشيا پيسيفڪ ڊجيٽل هاءِ وي ذريعي خطي ۾ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي خال کي گهٽائي سگهجي ۽ مصنوعي ذهانت سان لاڳاپيل ترقي جا موقعا پيدا ڪري سگهجن. انهن قدمن تحت 2035ع تائين 50 ارب ڊالرز سرحد پار بجلي جي انفراسٽرڪچر لاءِ رکيا ويا آهن. بئنڪ حڪومتن، لاڳاپيل ادارن، نجي شعبي ۽ ترقياتي شراڪتدارن سان گڏجي ان سيڙپڪاري کي يقيني بڻائيندي. 2035ع تائين اٽڪل 20 گيگا واٽ تجديد جوڳي توانائي کي سرحد پار مربوط ڪيو ويندو. 22 هزار سرڪٽ ڪلوميٽر ٽرانسميشن لائينز کي جوڙيو ويندو، 20 ڪروڙ ماڻهن کي توانائي تائين بهتر پهچ ڏني ويندي، 8 لک 40 هزار نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ پاور سيڪٽر جي نيڪال ۾ 15 سيڪڙو گهٽائي آندي ويندي. بئنڪ ان منصوبي جو اٽڪل اڌ سرمايو پاڻ فراهم ڪندي جڏهن ته باقي رقم گڏيل مالي مدد ذريعي حاصل ڪئي ويندي. ان کان علاوه 10 ملين ڊالرن تائين فني مدد به فراهم ڪئي ويندي ته جيئن ضابطن ۾ هم آهنگي، گڏيل فني معيار ۽ فزيبلٽي اسٽڊيز جهڙن معاملن ۾ اڳڀرائي ڪري سگهجي. اهي قدم ملڪن وچ ۾ محدود رابطن کان هٽي علائقائي سطح تي بجلي جي واپار کي هٿي وٺائڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهن. ۽ اهي مختلف علائقائي تعاون پروگرامن تي به ٻڌل آهن. ايشيا پيسيفڪ ڊجيٽل هاءِ وي تحت 2035ع تائين 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي ته جيئن ڊجيٽل ڪوريڊورز، ڊيٽا انفراسٽرڪچر ۽ مصنوعي ذهانت لاءِ موزون معيشتن کي هٿي ڏئي سگهجي ان ۾ فائبر نيٽ ورڪس، سيٽلائيٽ رابطا ۽ علائقائي ڊيٽا سينٽرز شامل هوندا. جڏهن ته سائبر سيڪيورٽي مهارتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ به قدم کنيا ويندا. 2035ع تائين انهن منصوبن ذريعي 20 ڪروڙ ماڻهن کي پهريون ڀيرو براڊ بينڊ تائين پهچ ڏني ويندي جڏهن ته وڌيڪ 45 ڪروڙ ماڻهن کي بهتر ۽ تيز رفتار ڊجيٽل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان سان ڏورانهن علائقن ۾ لاڳت ۾ اٽڪل 40 سيڪڙو گهٽتائي ۽ 40 لک نوڪرين جي تخليق جي اميد آهي. بئنڪ انهن منصوبن مان 15 ارب ڊالر پاڻ فراهم ڪندي جڏهن ته باقي 5 ارب ڊالر گڏيل مالي مدد مان حاصل ڪيا ويندا. انهن قدمن جي حمايت لاءِ سيئول ۾ مصنوعي ذهانت کي هٿي ڏيڻ جو هڪ مرڪز قائم ڪيو ويندو، جنهن لاءِ جمهوريه ڪوريا جي حڪومت 20 ملين ڊالرفراهم ڪندي. اهو مرڪز ذميوار ۽ جامع مصنوعي ذهانت کي هٿي ڏيڻ ۽ 2035 تائين اٽڪل 30 لک ماڻهن کي تربيت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.











