نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ناروي جي نائب پرڏيهي وزير آندرياس موٽزفيلٽ ڪراوڪ جي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات

اسلام آباد - 04 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ناروي جي نائب پرڏيهي وزير آندرياس موٽزفيلٽ ڪراوڪ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان پاران رابطن …

اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ناروي جي نائب پرڏيهي وزير آندرياس موٽزفيلٽ ڪراوڪ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان پاران رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي تسلسل جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. نارويجن پرڏيهي وزير پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ جاري ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي امڪانن جو پڻ جائزو ورتو. ناروي جي پرڏيهي وزير پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ايندڙ مهيني منعقد ٿيندڙ اوسلو فورم ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان دعوت تي سندس ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي معاملن ۽ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي بابت معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.