اسلام آباد - 04 مئي (اي پي پي) آمريڪا پاران اعتمادسازي جي نمايان قدم جي طور تي ايران جي ڪنٽينر بردار سامونڊي جهاز “ايم وي توسڪا” جي عملي جي 22 ميمبرن کي پاڪستان منتقل ڪيو ويو آهي جن کي ايراني عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ايراني سامونڊي جهاز جي عملي جي واپسي جي لاءِ سهولت فراهم ڪئي آهي. آمريڪا پاران قبضي ۾ ورتل …
آمريڪا پاران اعتمادسازي جي نمايان قدم جي طور تي ايران جي ڪنٽينر بردار سامونڊي جهاز “ايم وي توسڪا” جي عملي جا 22 ميمبر پاڪستان منتقل

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) آمريڪا پاران اعتمادسازي جي نمايان قدم جي طور تي ايران جي ڪنٽينر بردار سامونڊي جهاز “ايم وي توسڪا” جي عملي جي 22 ميمبرن کي پاڪستان منتقل ڪيو ويو آهي جن کي ايراني عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ايراني سامونڊي جهاز جي عملي جي واپسي جي لاءِ سهولت فراهم ڪئي آهي. آمريڪا پاران قبضي ۾ ورتل ايراني ڪنٽينر جهاز “ايم وي توسڪا” تي موجود عملي جي 22 ميمبرن کي گذريل رات هوائي جهاز جي ذريعي پاڪستان آندو ويو هو، عملي کي اڄ ايراني عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو جڏهن ته ايراني جهاز کي پڻ ضروري مرمت کانپوءِ اصل مالڪن کي واپسي جي لاءِ پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ واپس آندو ويندو. عملي ۽ جهاز جي واپسي جون اهي ڪوششون ايران ۽ آمريڪا، ٻنهي ملڪن جي تعاون سان ٺوس انداز ۾ ڪيون پيون وڃن. بيان موجب پاڪستان اهڙي طرح جي اعتمادسازي جي قدم جي آجيان ڪري ٿو ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ جاري ٽياڪڙي جي ڪوششن دوران ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ۾ سهولتڪاري جو سلسلو جاري رکندو.









