برطانيه جي شهر برسٽل ۾ ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ٽي زخمي

لنڊن-04 مئي(اي پي پي) برطانيه جي شهر برسٽل ۾ هڪ رهائشي گهر ۾ ڌماڪي سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميديا موجب پوليس ٻڌايو ته اهو واقعو هڪ گهريلو نوعيت جي شڪي تڪرار سبب پيش آيو آهي پر دهشتگردي جو واقعو نٿو لڳي. مارجي ويلن ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت شامل آهي جڏهن ته زخمين ۾ هڪ مرد، هڪ عورت ۽ هڪ ٻار شامل آهي جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس علائقي جو ڪڙو چاڙهي ويجهن رهواسين کي …

لنڊن-04 مئي(اي پي پي) برطانيه جي شهر برسٽل ۾ هڪ رهائشي گهر ۾ ڌماڪي سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميديا موجب پوليس ٻڌايو ته اهو واقعو هڪ گهريلو نوعيت جي شڪي تڪرار سبب پيش آيو آهي پر دهشتگردي جو واقعو نٿو لڳي. مارجي ويلن ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت شامل آهي جڏهن ته زخمين ۾ هڪ مرد، هڪ عورت ۽ هڪ ٻار شامل آهي جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس علائقي جو ڪڙو چاڙهي ويجهن رهواسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

مزید خبریں