اسپين جي وزيراعظم جي جهاز جي ترڪيه ۾ هنگامي لينڊنگ

انقره-4 مئي (اي پي پي) اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچز کي کڻي ويندڙ هڪ جهاز جي فني خرابي سبب  ترڪيه ۾ هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين جو وزير اعظم پيڊرو سانچيز پاڙيسري ملڪ آرمينيا ۾ يورپي پوليٽيڪل ڪميونٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو. اسپين جي حڪومت جي هڪ بيان موجب اسپين جو وفد انقره ۾ قيام کان پوءِ صبح جو آرمينيا ڏانهن پنهنجو سفر ٻيهر شروع ڪندو. ان فني خرابي جي نوعيت بابت ڪي به تفصيل فراهم نه ڪيا …

انقره-4 مئي (اي پي پي) اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچز کي کڻي ويندڙ هڪ جهاز جي فني خرابي سبب  ترڪيه ۾ هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين جو وزير اعظم پيڊرو سانچيز پاڙيسري ملڪ آرمينيا ۾ يورپي پوليٽيڪل ڪميونٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو. اسپين جي حڪومت جي هڪ بيان موجب اسپين جو وفد انقره ۾ قيام کان پوءِ صبح جو آرمينيا ڏانهن پنهنجو سفر ٻيهر شروع ڪندو. ان فني خرابي جي نوعيت بابت ڪي به تفصيل فراهم نه ڪيا ويا.

مزید خبریں