پيرس -04 مئي (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون عراق جي نئين نامزد وزيراعظم علي الزيدي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته حڪومت سازي لاءِ نامزد شخص جو مشن انتهائي ڏکين علائقائي حالتن ۾ عراق جي مستقبل جي لاءِ فيصلائتو آهي. ايمانوئل ميڪرون زور ڀريو ته عراق جو استحڪام، خودمختياري ۽ پنهنجي مستقبل جو …
عراق جو استحڪام وچ اوڀر ۽ يورپ جي سيڪيورٽي لاءِ اڻٽر آهي: فرانس جو صدر

مزید خبریں
پيرس -04 مئي (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون عراق جي نئين نامزد وزيراعظم علي الزيدي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته حڪومت سازي لاءِ نامزد شخص جو مشن انتهائي ڏکين علائقائي حالتن ۾ عراق جي مستقبل جي لاءِ فيصلائتو آهي. ايمانوئل ميڪرون زور ڀريو ته عراق جو استحڪام، خودمختياري ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت وچ اوڀر ۽ يورپ جي سيڪيورٽي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. ايمانوئل ميڪرون پنهنجي پوسٽ ۾ ان ڊرون حملي جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ 12 مارچ تي عراقي ڪردستان ۾ فرانس جي هڪ فوجي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو هو. هن لکيو آهي ته مان ان حملي جي جاچ جي نتيجن تائين جلد پهچڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي جنهن ۾ آرنو فريون مارجي ۽ سندس ڪيترائي ساٿي زخمي ٿيا هئا. اربيل شهر ۾ ايراني ٺاهيل شاهد ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 42 سالن جو فرانس جو فوجي فريون مارجي ويو جڏهن ته ٻيا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. ٻئي پاسي عراقي وزيراعظم جي ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب نامزد وزيراعظم علي فالح الزيدي سان فرانس جي صدر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنهن ۾ هن نئين حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ باضابطا نامزدگي تي مبارڪون ڏنيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهين دوران ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي طريقين تي ڳالهيون ڪيون ويون ته جيئن ٻنهي دوست ملڪن جا گڏيل مفاد حاصل ڪري سگهجن. ايمانوئل ميڪرون عراق لاءِ پنهنجي ملڪ جي حمايت ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي تعاون ۽ لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ ايندڙ مرحلي ۾ اهڙن دورن جي مٽاسٽا تي به اتفاق ڪيو.











