آبنائي هرمز ۾ آمريڪي بحريه جي آپريشن پراجيڪٽ فريڊم ۾ اسڪارٽ مشن شامل ناهي: رپورٽ

واشنگٽن -04 مئي (اي پي پي) آبنائي هرمز  ۾ ڦاٿل سامونڊي جهازن بابت آمريڪي بحريه جي آپريشن پراجيڪٽ فريڊم ۾ اسڪارٽ مشن شامل ناهي. ان بدران ان مشن تحت آبنائي هرمز مان گذرندڙ سامونڊي جهازن کي محفوظ ۽ بارودي سرنگن کان پاڪ رستن بابت ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي   اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آبنائي هرمز جي نون قدمن ۾ آبنائي هرمز مان گذرندڙ واپاري جهازن جي حفاظت …

واشنگٽن -04 مئي (اي پي پي) آبنائي هرمز  ۾ ڦاٿل سامونڊي جهازن بابت آمريڪي بحريه جي آپريشن پراجيڪٽ فريڊم ۾ اسڪارٽ مشن شامل ناهي. ان بدران ان مشن تحت آبنائي هرمز مان گذرندڙ سامونڊي جهازن کي محفوظ ۽ بارودي سرنگن کان پاڪ رستن بابت ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي   اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آبنائي هرمز جي نون قدمن ۾ آبنائي هرمز مان گذرندڙ واپاري جهازن جي حفاظت لاءِ لازمي طور آمريڪي بحريه جا سامونڊي جهاز شامل نه هوندا. هڪ اهلڪار چيو ته ايران جي فوج کي آبنائي مان گذرندڙ واپاري سامونڊي جهازن تي حملا ڪرڻ کان روڪڻ جي ضرورت پوڻ جي صورت ۾ آمريڪي بحريه جا جهاز ويجهو ئي هوندا.  آمريڪي اختيارين مطابق آمريڪي سامونڊي واپاري جهازن کي آبنائي هرمز ۾ بهترين ساموندي رستن بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ پيا وڃون، خاص طور تي جڏهن اها لائين استعمال ڪرڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي جنهن ۾ ايران پاران بارودي سرنگون  ناهن وڇايون ويون. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  اعلان ڪيو هو ته سندس ملڪ سومر کان آبنائي هرمز ۾ ڦاٿل سامونڊي جهازن کي اتان ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ آپريشن پروجيڪٽ فريڊم جي شروعات ڪندو. هن زور ڀريو هو ته ڪنهن به مداخلت کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، پر ڪجهه دير کان پوءِ آمريڪي انتظاميه پاران وضاحت ڪئي وئي ته ان آپريشن ۾ آمريڪي سامونڊي جهازن ذريعي آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن جي حفاظت شامل ناهي. آمريڪي ذريعن موجب پراجيڪٽ فريڊم ملڪن، انشورنس ڪمپنين ۽ جهاز راڻي جي تنظيمن لاءِ آبنائي هرمز ذريعي ٽريفڪ کي منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ رابطيڪاري جو طريقيڪار هوندو.

مزید خبریں