اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ خطي جي صورتحال ۽ پاڪستان پاران امن ۽ استحڪام لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني پرڏيهي وزير …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ خطي جي صورتحال ۽ پاڪستان پاران امن ۽ استحڪام لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ ڌرين جي وچ ۾ مخلصاڻين ثالثي جي ڪوششن کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو ته هُو تعميري رابطن جي فروغ جي لاءِ پنهنجُون ڪوششون جاري رکندو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مسئلن جي پُرامن حل ۽ خطي ۽ دنيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي واحد قابل عمل رستو آهي.









