وزيراعظم پاران پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ جي موقعي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور جو دورو

لاهور- 3 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ جي موقعي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور جو دورو ڪيو، جتي هن چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محسن نقوي سان گڏ رانديگرن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران آچر تي جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم دوري دوران هڪ هڪ ڪري رانديگرن سان هٿ ملايو. ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم ۽ چيئرمين پي …

لاهور- 3 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ جي موقعي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور جو دورو ڪيو، جتي هن چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محسن نقوي سان گڏ رانديگرن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران آچر تي جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم دوري دوران هڪ هڪ ڪري رانديگرن سان هٿ ملايو. ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم ۽ چيئرمين پي سي بي فائنل کيڏندڙ ٽيمن جي ڪپتانن سان تصويرون ڪڍرايون. وزيراعظم فائنل تائين پهچڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن جي محنت ۽ لگن کي ساراهيو ۽ فائنل ميچ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اعظم نذير تارڙ، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، عبدالعليم خان، راڻا مبشر اقبال ۽ خاص مددگار طلحه برڪي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.