اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ۾ آزاد، ميوار ۽ متحرڪ ميڊيا لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان جي روايتي ميڊيا وڏي عرصي کان عوامي اعتماد ۽ جمهوري قدرن جي ضبوط ٿنڀ طور بيٺل آهي، معرڪه حق دوران پاڪستاني ميڊيا دنيا کي توازن ۽ وضاحت سان آگاهي پيش …
معرڪه حق دوران پاڪستانس ميڊيا ذميواراڻو ۽ حب الوطني تي ٻڌل ڪردار ادا ڪيو: عطا الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ۾ آزاد، ميوار ۽ متحرڪ ميڊيا لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان جي روايتي ميڊيا وڏي عرصي کان عوامي اعتماد ۽ جمهوري قدرن جي ضبوط ٿنڀ طور بيٺل آهي، معرڪه حق دوران پاڪستاني ميڊيا دنيا کي توازن ۽ وضاحت سان آگاهي پيش ڪرڻ ۾ ذميواري ۽ حب الوطني تي ٻڌل ڪردار ادا ڪيو. ڪالهه ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني ميڊيا لاڳيتو ماڊرن ٽولز ۽ گلوبل ڪنيڪٽويٽي سان هم آهنگ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڊجيتل پليٽ فارمز پاڪستان جي حقيقي تصور ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي، ذميواري ۽ سموري ميڊيا جي روشن مستقبل لاءِ پرعزم آهيون.









