پرامن مستقبل جوڙڻ لاءِ سچائي کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي، سچائي حاصل ڪرڻ ۾ صحافين جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پرامن مستقبل جوڙڻ لاءِ سچائي کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي ۽ سچائي کي حاصل ڪرڻ ۾ صحافين جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي ڪارڪنن کي مبارڪون ڏيندي چيو …

اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پرامن مستقبل جوڙڻ لاءِ سچائي کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي ۽ سچائي کي حاصل ڪرڻ ۾ صحافين جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي ڪارڪنن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ سال ان جو موضوع پرامن مستقبل جي جوڙجڪ ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي ته امن جو قيام درست ۽ تصديق ٿيل معلومات کانسواءِ ممڪن ناهي، اڄ صحافت جي آزادي کي مختلف چئلينجز درپيش آهن جن ۾ غلط ڄاڻ، هٿ ٺوڪيا اطلاع ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو غلط استعمال شامل آهن. مصنوعي ذهانت ۽ جعلي وڊيوز ۽ تصويرون (ڊيپ فيڪ) جهڙا رجحان جتي موقعا فراهم ڪن ٿا، اتي انهن جا ناڪاري اثر به سامهون اچي رهيا آهن. صدر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڪجهه عالمي ميڊيا جا ادارا ۽ سماجي رابطن جا پليٽ فارم نفرت، تعصب ۽ گمراهه ڪندڙ بياني کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، جڏهن ته وڏا فني ادارا ڪجهه وقت قومي رياستن جي معاملن ۾ مداخلت به ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ صحافت جي آزادي هڪ آئيني حق آهي جنهن جي ضمانت پاڪستان جي آئين ۾ ڏني وئي آهي، جڏهن ته آرٽيڪل اي 19 عوام تائين ڄاڻ جي رسائي کي يقيني بڻائي ٿو، هن جو چوڻ هو ته آزاد ۽ ذميوار ميڊيا هڪ مضبوط جمهوريت جو بنياد آهي، هن زور ڀريو ته صحافت سان ذميواري به جڙيل هوندي آهي ۽ درستگي کي رفتار تي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته عوامي اعتماد ميڊيا جي ذريعن جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن جن کي برقرار رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان کي نشانو بڻائيندڙ ڪوڙي مهم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ذميوار صحافت انتهائي اهم آهي. صدر مئي 2025ع دوران قومي اتحاد ۽ ميڊيا جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ميڊيا جي ذريعن حقيقتن جي ذريعي غلط بياني جو موثر جواب ڏنو. هن انهن صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن سچائي جي ڳولا ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته صحافين جي تحفظ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن ميڊيا جي ادارن کان اعليٰ پيشيوراڻو معيار برقرار رکڻ ۽ عوام تائين تصديق ٿيل صحافت جي حمايت جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هڪ ذميوار ۽ سچائي تي ٻڌل معلوماتي نظام ئي ملڪ ۾ جمهوريت، استحڪام ۽ امن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو.