لاهور - 03 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ سينئر سياستدان سردار ذوالفقار علي کوسا جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر پهتو. وفاقي وزير مرحوم جي پُٽن سردار يوسف الدين کوسا ۽ سردار دوست محمد کوسا سان سندن والد جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي سينئر سياستدان سردار ذوالفقار علي کوسا جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر آمد

مزید خبریں
لاهور – 03 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ سينئر سياستدان سردار ذوالفقار علي کوسا جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر پهتو. وفاقي وزير مرحوم جي پُٽن سردار يوسف الدين کوسا ۽ سردار دوست محمد کوسا سان سندن والد جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته سردار ذوالفقار علي خان کوسا هڪ مدبر، با وقار ۽ تجربيڪار سياسي اڳواڻ هو، مرحوم ملڪي سياست ۽ عوامي خدمت جي ميدان ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. مرحوم جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته سردار ذوالفقار علي خان کوسا جي وفات سان ملڪي سياست هڪ سنجيده اڳواڻ کان محروم ٿي وئي آهي. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.











