آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جمهوري معاشري جو اڻٽر ٿنڀ آهي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اهو ڏهاڙو جمهوري قدرن جي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جمهوري معاشري جو اڻٽر ٿنڀ آهي، صحافت عوام کي تصديق ٿيل معلومات ۽ …

اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اهو ڏهاڙو جمهوري قدرن جي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جمهوري معاشري جو اڻٽر ٿنڀ آهي، صحافت عوام کي تصديق ٿيل معلومات ۽ شفافيت فراهم ڪرڻ جو اهم ذريعو آهي، صحافين جو تحفظ ۽ آزادي جمهوريت جي استحڪام لاءِ ضروري آهي. سيد يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو آئين اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي جي مڪمل ضمانت ڏئي ٿو، صحافين خلاف تشدد ۽ هراساني قبول جوڳو ناهي. هن چيو ته سينيٽ هميشا صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته فيڪ نيوز ۽ پروپيگنڊا جي دور ۾ ذميوار صحافت جي اهميت وڌي وئي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ميڊيا سچائي، تحقيق ۽ توازن کي هٿي ڏئي. هن چيو ته پارليامينٽ اظهار جي آزادي ۽ صحافتي آزادين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.