اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته صحافت جي آزادي جمهوريت جو بنياد آهي، ان تي ڪنهن قسم جو شَڪ قبولڻ جوڳو ناهي، اظهار راءِ جي آزادي تي پابنديون معاشرتي ترقي ۽ جمهوري تسلسل لاءِ نقصانڪار آهن. بي آءِ ايس پي طرفان آچر ڏينهن جاري بيان …
سينيٽر روبينه خالد جوصحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته صحافت جي آزادي جمهوريت جو بنياد آهي، ان تي ڪنهن قسم جو شَڪ قبولڻ جوڳو ناهي، اظهار راءِ جي آزادي تي پابنديون معاشرتي ترقي ۽ جمهوري تسلسل لاءِ نقصانڪار آهن. بي آءِ ايس پي طرفان آچر ڏينهن جاري بيان ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته پ پ پ هر دور ۾ صحافت جي آزادي ۽ جمهوري قدرن جي علمبردار رهي آهي. هن چيو ته صحافين کي خوف، دٻاءُ ۽ سينسرشپ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، ميڊيا تي غير ضروري سختيون سچ کي دٻائڻ جي برابر آهن. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جي دور ۾ ذميوار ۽ تصديق ٿيل صحافت جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، فيڪ نيوز ۽ ڊيپ فيڪ خلاف پيشيوراڻي صحافت ئي اثرائتو دفاع آهي. هن چيو ته آزادي سان قومي مفاد ۽ رياستي سڃاڻپ جو تحفظ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان جو هاڪاري چهرو عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ ميڊيا جي اهم ذميواري آهي. هن چيو ته اختلاف راءِ کي دٻائڻ نه پر برداشت ڪرڻ جمهوري روايتن جو حصو آهي. هن چيو ته صحافين جي حقن جو تحفظ ۽ آزادي پ پ پ جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سچ ڳالهائيندڙن کي خاموش ڪرڻ مسئلن جو حل نه پر بحران کي پيدا ڪرڻ آهي.









