اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري (زال) ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال حسين ملڪ چيو آهي، ته ڪشميري صحافين ڀارتي ظلمن باوجود حق کي شمع کي روشن رکيو آهي،کين سلام پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن ورلڊ پريس فريم ڊي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته صحافت جي آزادي جي اصل قيمت والاريل ڪشمير جي جرئت مند صحافي …
ڪشميري صحافين ڀارتي ظلمن باوجود حق جي شمع کي روشن رکيو آهي، کين سلام پيش ڪيون ٿا: مشعال ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري (زال) ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال حسين ملڪ چيو آهي، ته ڪشميري صحافين ڀارتي ظلمن باوجود حق کي شمع کي روشن رکيو آهي،کين سلام پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن ورلڊ پريس فريم ڊي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته صحافت جي آزادي جي اصل قيمت والاريل ڪشمير جي جرئت مند صحافي ڏئي رهيا آهن. مشعال ملڪ قابض ڀارتي فوج هٿان قيد ۽ تشدد جو نشانو بڻجندڙ ڪشميري ميڊيا ورڪرز کي سلام پيش ڪندي چيو ته ڪشميرين جو آواز بڻجندڙ عالمي صحافي انسانيت جا حقيقي سفير آهن. مشعال ملڪ چيو ته ڀارت والاريل واديءَ ۾ انٽرنيٽ جي بندش ۽ پريس تي پابنديون لڳائي سچ کي نه ٿو لڪائي سگهي، صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي تي عالمي برادري ڪشميري صحافي آصف سلطان ۽ ٻين جي آزادي لاءِ دٻاءُ وجهي، حريت اڳواڻن جي جدوجهد کي دنيا تائين پهچائڻ ۾ قلم جي مجاهدن جو رت شامل آهي. هن پريس فريڊم ڊي تي ڪشميري مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جا داستان لکندڙ ليکڪن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته گڏيل قومون والاريل ڪشمير ۾ ميڊيا تي لاڳوڪاري قانون جو نوٽيس وٺي، سچ لکڻ ڏوهه آهي ته اهو ڏوهه واديءَ جو هر غيور صحافي بار بار ڪندو.









