اسلام آباد - 03 مئي (اي پي پي) واهگه بارڊر تي معرڪه حق جي مناسبت سان شاندار پريڊ ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ اقليتي برادري، عالمن سڳورن، وڪيلن، سول آرمڊ فورسز ۽ شاگردن سميت عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پاڪستان رينجرز (پنجاب) جي شاندار پريڊ شرڪت ڪندڙن جي حب الوطني جي جذبي کي اڀاريو. تقريب دوران گورمنٽ يونيورسٽي لاهور جي شاگردن ۽ نوجوان گلوڪار …
واهگه بارڊر تان دشمن کي پاڪستاني عوام جي للڪار، اسان آهيون بنيان المرصوص

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) واهگه بارڊر تي معرڪه حق جي مناسبت سان شاندار پريڊ ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ اقليتي برادري، عالمن سڳورن، وڪيلن، سول آرمڊ فورسز ۽ شاگردن سميت عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پاڪستان رينجرز (پنجاب) جي شاندار پريڊ شرڪت ڪندڙن جي حب الوطني جي جذبي کي اڀاريو. تقريب دوران گورمنٽ يونيورسٽي لاهور جي شاگردن ۽ نوجوان گلوڪار اي آر ناصر خاص ملي نغمو پيش ڪري ملڪ ۽ فوج سان عقيدت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي عوام جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت ٻيهر ڪنهن مهم جوئي جي همٿ ڪئي ته پهريان کان وڌيڪ منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. پاڪستان کي ڪمزور سمجهڻ ڀارت ۽ مودي جي تمام وڏي ڀُل آهي، 26 ڪروڙ عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. واهگه بارڊر پريڊ گرائونڊ ۾ جوش، محبت ۽ اتحاد ”اسان آهيون بنيان مرصوص“ جي عملي تصوير ڏيکاري.









