وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاران سي پي اين اي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سي پي اين اي جي نون چونڊيل عهديدارن کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته آزاد، ذميوار ۽ با وقار صحافت جمهري معاشري جو بنياد آهي. ريلوي وزارت طرفان گذريل ڏينهن جاري پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ميڊيا رياست ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جو مضبوط پُل آهي. هن سي پي اين اي …

اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سي پي اين اي جي نون چونڊيل عهديدارن کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته آزاد، ذميوار ۽ با وقار صحافت جمهري معاشري جو بنياد آهي. ريلوي وزارت طرفان گذريل ڏينهن جاري پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ميڊيا رياست ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جو مضبوط پُل آهي. هن سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان ۽ ٻين عهديدارن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته صحافتي ادارن جو ڪردار قومي بيانئي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، سچائي تي ٻڌل رپورٽنگ ئي عوامي اعتماد جي ضامن آهي.