اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، ٻن نوجوانن حسن اشرف ۽ جوشوا دلاور کي ملڪ الزبٿ (ٻه) ڪامن ويلٿ ٽرسٽ (ڪيو اي سي ٽي) جي 100 ينگ ليڊرز ايوارڊز 2026ع لاءِ چونڊجڻ تي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي، ته اعليٰ سطح جو اهو ايوارڊ نوجوانن کي عالمي سطح تي چٽاڀيٽي واري قيادت کان علاوه هڪ اعليٰ سطحي ڪميونٽي جي شرڪت …
پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين پاران اعليٰ ڪيو اي سي ٽي عالمي ليڊرشپ ايوارڊ کٽندڙ 2 پاڪستاني نوجوانن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، ٻن نوجوانن حسن اشرف ۽ جوشوا دلاور کي ملڪ الزبٿ (ٻه) ڪامن ويلٿ ٽرسٽ (ڪيو اي سي ٽي) جي 100 ينگ ليڊرز ايوارڊز 2026ع لاءِ چونڊجڻ تي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي، ته اعليٰ سطح جو اهو ايوارڊ نوجوانن کي عالمي سطح تي چٽاڀيٽي واري قيادت کان علاوه هڪ اعليٰ سطحي ڪميونٽي جي شرڪت سان ٿيندڙ تبديلي جي حوالي سان سماجي رهنمائي فراهم ڪري ٿو. ان ڪاميابي کي پاڪستان جي نوجوانن لاءِ هڪ فخر قرار ڏيندي هن چيو ته وزيراعظم جي نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ميمبر حسن اشرف ۽ اڳوڻي شاگرد جوشوا دلاور پنهنجي ڏور رس قيادت ۽ سماجي اثرن لاءِ پختي عز م ذريعي ملڪ کي عالمي سطح تي پذيرائي بخشي. ڪيو اي سي ٽي ايوارڊز ڪامن ويلٿ ۾ نمايان نوجوان تبديلي سازن جي خدمتن جو اعتراف آهي ۽ پنهنجي ڪميونٽيز ۾ بامعنيٰ تبديلي کي متحرڪ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ايوارڊ يافته نوجوانن کي متحرڪ ۽ بااختيار بڻائڻ، جامع مصروفيت کي هٿي وٺائڻ ۽ هيٺين سطح کان اڳيان وڌائڻ ۾ سندن متحرڪ ڪوششن لاءِ تسليم ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن جي نقطه نظر کي پاليسي ٺاهيندڙن ۽ قومي ترقي ۾ ضم ڪري اڀرندڙ ليڊرن جي پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ بااختيار ۽ شراڪتي طرز حڪمراني ڏانهن پيش قدمي جاري رکندو.











