اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) امن جو قيام ۽ علائقائي استحڪام، نيٽ ريجنل سيڪيورٽي اسٽيبلائيزر پاڪستان جي سڃاڻپ آهي. جنگ جي ميدان کان ڪامياب سفارتڪاري تائين امن جي قيام لاءِ پاڪستان پنهنجي قائداڻي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. تازو ئي ڀارت جي نيٽ سيڪيورٽي پرووائيڊر هئڻ جي پاڻ مرادي دعويٰ زميني حقيقتن آڏو تباهه ٿي وئي. حق جي ويڙهه جي شاندار ڪاميابي کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به پاڪستان …
امن جو قيام ۽ علائقائي استحڪام، نيٽ ريجنل سيڪيورٽي اسٽيبلائيزر پاڪستان جي سڃاڻپ

مزید خبریں
اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) امن جو قيام ۽ علائقائي استحڪام، نيٽ ريجنل سيڪيورٽي اسٽيبلائيزر پاڪستان جي سڃاڻپ آهي. جنگ جي ميدان کان ڪامياب سفارتڪاري تائين امن جي قيام لاءِ پاڪستان پنهنجي قائداڻي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. تازو ئي ڀارت جي نيٽ سيڪيورٽي پرووائيڊر هئڻ جي پاڻ مرادي دعويٰ زميني حقيقتن آڏو تباهه ٿي وئي. حق جي ويڙهه جي شاندار ڪاميابي کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن جي تعريف ڪئي هئي. پاڪ ڀارت جنگ دوران پاڪستان اثرائتي عسڪري حڪمت عملي عيوض ڀارتي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو. حق جي ويڙهه جي فتح ۽ ڪامياب ملٽري ڊپلوميسي عالمي سطح تي پاڪستان جو وقار وڌيڪ بلند ڪيو.آمريڪا ۽ ايران جنگ دوران به بهترين سفارتڪاري ۽ شاندار ملٽري ڊپلوميسي پاڪستان جي هڪ نئين سڃاڻپ متعارف ڪرائي. ڀارتي عوام به خطي ۾ امن جي قيام لاءِ مودي حڪومت تي وقت سر سفارتي ڪردار ادا نه ڪرڻ تي سوال اٿاريا. پاڪستان جي ٽياڪڙي جي اثرائتين ڪوششن جي تعريف ڪندي عالمي برادري ان کي علائقائي استحڪام جو ضامن قرار ڏنو. عالمي ماهرن موجب پاڪسان بطور نيٽ ريجنل سيڪيورٽي اسٽيبلائيزر خطي ۾ امن، توازن ۽ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان پوري دنيا کي متاثر ڪندڙ آمريڪا ايران جنگ ۾ ٽياڪڙي طور ڪردار ادا ڪري خطي ۾ پنهنجو اثر رسوخ مڃرايو.








