اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته آزاد صحافت معاشري جي اک ۽ ضمير جو آواز آهي، سچ ڳالهڻ وارا صحافي جمهوريت جا اصل محافظ آهن. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ڪُوڙي ڄاڻ قومن کي ورهائيندي آهي، جڏهن ذميوار صحافت …
آزاد صحافت معاشري جي اک ۽ ضمير جو آواز آهي: محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته آزاد صحافت معاشري جي اک ۽ ضمير جو آواز آهي، سچ ڳالهڻ وارا صحافي جمهوريت جا اصل محافظ آهن. ريلوي واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ڪُوڙي ڄاڻ قومن کي ورهائيندي آهي، جڏهن ذميوار صحافت قومن کي ڳنڍي ٿي. سچ لکڻ وارو هر قلم اصل ۾ عوام جي اميد بڻجي ويندو آهي. هن چيو ته صحافين جي حفاظت صرف ذميواري نه پر رياست جو پڻ فرض آهي. هن چيو ته ميڊيا جو ڪردار قوم کي اونداهين مان ڪڍي روشني طرف آڻڻ آهي. حقيقت تي ٻڌل رپورٽ اعتماد جو بنياد رکندي آهي. ڊجيٽل دور ۾ سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ فرق ڪرڻ وڏو چيلينج آهي. محمد حنيف عباسي چيو ته شهيد صحافين جون قربانيون اسان کي سچ تي قائم رهڻ جو حوصلو ڏين ٿيون. هن چيو ته ميڊيا کي سنجيدگي، ديانت ۽ قومي ذميوراي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. عوام جو حق آهي ته ان کي درست ۽ وقت تي معلو مات فراهم ڪئي وڃي.











