اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني طور تي هڪ طرفي قدمن تي پاڪستان گڏيل قومن ۾ واضح ۽ اصولي موقف اختيار ڪندي پهلگام فالس فليگ جي بهاني ڀارت جي ڪنهن به مهم جوئي کان اڳ خبردار ڪيو هو، پاڪستان ڀارتي جارحيت کان اڳ ئي ان جي ناپاڪ ارادن کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جو چوڻ …
پاڪستان جو گڏيل قومن ۾ واضح موقف، پهلگام فالس فليگ آپريشن کي وقت کان اڳ بي نقاب ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مئي(اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني طور تي هڪ طرفي قدمن تي پاڪستان گڏيل قومن ۾ واضح ۽ اصولي موقف اختيار ڪندي پهلگام فالس فليگ جي بهاني ڀارت جي ڪنهن به مهم جوئي کان اڳ خبردار ڪيو هو، پاڪستان ڀارتي جارحيت کان اڳ ئي ان جي ناپاڪ ارادن کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جو چوڻ هو ته ڀارتي قدم علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن. پاڪستان ڀارت سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو نه ٿو چاهي ۽ اها ڳالهه هر سطح تي واضع ڪئي وئي آهي. عاصم افتخار چيو ته اسان پنهجني خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون، ڀارت پاران ڪنهن به قسم جي آبي جارحيت کي جنگ جو اعلان تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن جي ٽياڪڙي قبول ڪرڻ تي رضامند آهي. ماهرن موجب پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ارادو ڏسندي ئي دنيا سامهون پنهنجو موقف پيش ڪري ذميوار رياست هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي امن جي آڇ کي نظر انداز ڪندي ڀارت کي معرڪه حق ۾ بدترين عالمي رسوائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.











