پريس فريڊم جمهوريت جو بنياد، آزاد صحافت کان سواءِ امن، ترقي ۽ انساني حقن جو تصور ممڪن ناهي: شازيه مري

حيدرآباد -03 مئي (اي پي پي) پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري صحافت جي آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي صحافين، ميڊيا ورڪرز ۽ حق ۽ سچ لاءِ آواز اٿاريندڙ سمورن ماڻهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پريس فريڊم جمهوريت جو بنياد ۽ سچ جي محافظ آهي، آزاد صحافت کان سواءِ امن، ترقي ۽ انساني حقن جو تصور ممڪن ناهي. پنهنجي پيغام ۾ شازيه …

حيدرآباد -03 مئي (اي پي پي) پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري صحافت جي آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي صحافين، ميڊيا ورڪرز ۽ حق ۽ سچ لاءِ آواز اٿاريندڙ سمورن ماڻهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پريس فريڊم جمهوريت جو بنياد ۽ سچ جي محافظ آهي، آزاد صحافت کان سواءِ امن، ترقي ۽ انساني حقن جو تصور ممڪن ناهي. پنهنجي پيغام ۾ شازيه مري چيو ته جتي سچ محفوظ هجي، اتي معاشرو ترقي ڪري ٿو پر جتي سچ دٻايو ويندو آهي اتي اميدون به ختم ٿي وينديون آهن. هن چيو ته موجوده ڊجيٽل دور ۾ فيڪ نيوز ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي، جيڪو عوامي اعتماد کي مجروح ڪرڻ سان گڏوگڏ جمهوري نظام کي به نقصان پهچائي ٿو. هن زور ڀريو ته فيڪ نيوز جو مقابلو دٻاءَ، سينسرشپ يا پابندين سان نه پر شفافيت، ذميوار صحافت ۽ حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ سان ئي ممڪن آهي. صحافت کي هميشه سچ، صحيح ۽ اخلاقيات سان ڳنڍيل رهڻ گهرجي ته جيئن عوام کي درست ڄاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي سگهي. هن چيو ته ميڊيا، صحافين ۽ رياستي ادارن کي پنهنجي ساک جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي جي مضبوط حامي رهي آهي ۽ هميشه سچ لاءِ آواز بلند ڪندڙن سان گڏ آهي. هن انهن صحافين جي جرت ۽ قربانين کي به سلام پيش ڪيو جن حق ۽ سچ خاطر قيد ۽ مصيبتون برداشت ڪيون. شازيه مري چيو ته آزاد صحافت ئي منصفاڻي، باخبر ۽ پرامن مستقبل جي ضمانت آهي، معاشري جي بهتري لاءِ صحافت جو آزاد، غيرجانبدار ۽ ذميوار هئڻ اڻٽر آهي.

مزید خبریں